رکيو لنڊ

رکيو لنڊ: رکيو لُنڊ، ڳوٺ گھنور خان جت جو رهاڪو هو، هو پنهنجي زال ڦهي، پٽن: کيڻي، خميسي، اٽل ۽ اسماعيل سميت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مريد ٿيو. انهن فقيرن شاهه صاحب کان راڳ پڻ سکيو هو. شاهه صاحب ڳوٺ گهنور خان جت ۾ اڪثر ايندو هو ۽ ڪيترا ڏينهن ترسيو پيو هوندو هو. هن فقير جي گھر وارن جو شاهه صاحب کان ڪو به پردو نه هوندو هو ۽ شاهه صاحب پڻ رکيي جي گھر ۾ پنهنجائپ محسوس ڪندو هو. هن فقير پنهنجي ڀائٽي کي شاهه صاحب جي خدمت چاڪريءَ لاءِ خاص مقرر ڪري ڇڏيو هو. پيرو کڻي جڏهن شاهه صاحب جو مريد ٿيو، تڏهن رکيي لنڊ ٻه اُٺ ڪُهي دعوت ڪئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو